روشن علي خان ٻوڌراڻي

روشن علي خان ٻوڌراڻي

روشن علي خان ٻوڌراڻي

روشن علي خان ٻوڌراڻي: ناميارو هارمونيم نواز ۽ طبلي نواز روشــن عـلـي ولـد استاد رمضان علي خان 1963ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي هڪ اهم موسيقار گهراڻي سان آهي. روشن علي سنڌ جي نامياري ڪلاڪار استاد خير محمد خان جو پوٽو ۽ امير علي خان'>استاد امير علي خان جو ڀاءُ آهي. روشن علي خان شروعات ۾ طبلي جي سکيا امام الدين خان کان ورتي، بعد ۾ هارمونيم جي سکيا پنهنجي چاچي استاد رجب علي رضا کان حاصل ڪندو رهيو. روشن علي خان جي فن کان متاثر ٿي اڳوڻي جي ڊي. آءِ. جي پوليس نثار احمد صديقيءَ کيس پوليس کاتي ۾ نوڪري ڏني. پوليس کاتي حيدرآباد جا اڪثر پروگرام هي ترتيب ڏيندو آهي. هن پوليس کاتي جي ڪيترن عملدارن کي هارمونيم جي سکيا به ڏني آهي. اڳوڻي آءِ. جي سنڌ پوليس آفتاب نبي جي ڪوٺايل سنڌ پوليس فيسٽيول ۾ روشن علي خان کي بهترين آرگنائيزر جو اوارڊ مليو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو